سرگوڌا-08 مئي (اي پي پي) پاڪ ڀارت تڪرار کي نظر ۾ رکندي ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسرن سرگوڌا ڪوڊ ريڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آھي. ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر کي ھنگامي صورتحال لاءِ ڪمانڊ مئنيجمنيٽ سسٽم جي سيڪشن 1 تحت مليل اختيارن جي استعمال ۾ جيڪي 20 مئي 2015ع جي آرڊر نمبر DG(PES) 2015/305 جي ذريعي جاري ڪيو ويو آھي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ موجوده ڇڪتاڻ دوران ضلعي جي سمورن انساني وسيلن کي مڪمل طور عمل ۾ آڻڻ، ايمرجنسي کي فراھم ڪرڻ ۽ ڪنھن به اڻ وڻندڙ واقعي تي فوري ردعمل يقيني بڻائڻ لاءِ ”ڪوڊ ريڊ“ فوري طور لاڳو ڪيو ويو آھي، جيڪو ايندڙ آرڊر تائين برقرار رھندو. ضلعي جي سمورن آفيسرن ۽ اھلڪارن کي ھدايت ڪئي وئي آھي ته ھو فوري طور پنھنجي پنھنجي ريسڪيو اسٽيشنز ڊيوٽي ھنڌن تي رپورٽ ڪن. عملي کي پنھنجي ذاتي ھاءِ جين ڪٽ (صفائي جو سامان) شيونگ ڪٽ، ٽوٿ برش ۽ پيسٽ، اضافي ھيٺ جامه ۽ ٽي شرٽ، ضروري خوارڪ جو پيڪٽ ۽ ذاتي حفاظتي سامان گڏ کڻي اچڻو پوندو ته جيئن ھو اسٽيشن تي موجود رھي ڪنھن به اڻ وڻندڙ واقعي تي فوري رد عمل ڏئي سگھن.