گلگت-08 مئي (اي پي پي) خطي ۾ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي تيارين کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽري جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ موجوده سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي گهرو سيڪريٽري هاڻوڪي ڀارتي فضائيه جي جارحيت کي نظر ۾ رکندي امڪاني خطرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري واضح ڪيو ته حڪومت هر قسم جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار ۽ فعال آهي ۽ هنگامي حالتن ۾ فوري طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ صحت کاتي کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ سمورين اسپتالن کي الرٽ رکيو ويندو ۽ مڪمل فعاليت کي يقيني بڻايوويندو. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته خوراڪ ۽ اناج جي ذخيرن جو تفصيلي جائزو وٺڻ جي هدايت ڏني وئي آهي ته جيئن ڪنهن به امڪاني ضرورت کي پورو ڪري سگهجي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته گلگت بلتستان حڪومت سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي ڪنهن به امڪاني صورتحال کي اثرائتي انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي ۽ عوام جي سلامتي ۽ تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.