اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي)نيشنل بزنس گروپ پاڪستان جي چيئرمين ۽ پاڪستان بزنس مين اينڊ انٽليڪچولز فورم جي صدر ميان زاهد حسين چيو آهي ته ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ پاڪ فوج وقت ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، قوم متحد ۽ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، دنيا ۾ پاڪستان پنهنجي دفاعي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. ڪاروباري برادري سان ڳالهائيندي هن چيو ته سپهه سالار جي غير معمولي قيادت ۽ جامع حڪمت عملي نه رڳو ميدان ۾ فتح ڏياري پر قوم جا حوصلا به بلند ڪيا، جڏهن ته ڀارت کي عالمي سطح تي شرمندگي جو منهن ڏسڻو پيو آهي. رات جي اونداهي ۾ دشمن طرفان ڪيل بزدلاڻي حملي جو ڀرپور جواب ڏنو ويو ۽ ڀارت جا 5 جنگي جهاز ۽ ڊرون تباهه ڪري دشمن جي فضائي برتري جي پت وائکي ڪري ڇڏي. لائن آف ڪنٽرول تي دشمن جي ڪيترن ئي اهم فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو جنهن کانپوءِ ڀارتي فوج پنهنجي شڪست تسليم ڪندي اڇو جهنڊو ڦڙڪايو. هن چيو ته ڇڪتاڻ باوجود پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي قيادت خطي ۾ امن لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.هن چيو ته چين، ترڪيه، سعودي عرب ۽ او آءِ سي پڻ ٻنهي ملڪن تي زور ڀريو آهي ته هو تحمل جو مظاهرو ڪن ۽ فوري ڳالهين جي شروعات ڪن. هن چيو ته ڀارت طرفان مسجدن تي حملا، معصوم شهرين جون شهادتون، عورتن ۽ ٻارن کي نشانو بڻايو ويو جيڪا ڀارت جي شدت پسند سوچ جي عڪاسي آهي جنهن جي عالمي سطح تي مذمت ٿيڻ گهرجي.