ڪراچي-07 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان هميشه دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي ۽ هميشه کان هن معاملي ۾ عالمي جاچ جي آڇ ڪئي آهي. ڀارت ڇهن الڳ الڳ هنڌن تي رات جي وقت حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ بي گناهه شهري شهيد ٿي ويا. وڏي وزير چيو ته اسان جي هٿياربند فوجن اهڙي طرح جواب ڏنو جو ڀارت ڪلاڪن اندر سفيد جهنڊا لهرائڻ تي مجبور ٿيو. اهڙو اظهار هن ڀارتي جارحيت خلاف ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت پاران پاڪستان مٿان لڳايل بي بنياد الزامن جي مذمت ڪئي ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي گجرات جو قصائي قرار ڏيندي چيو ته مودي پنهنجي اندروني ناڪامين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ واقعي جي منصوبابندي ڪئي. هن چيو ته فقط 10 منٽن اندر پاڪستان تي ڪنهن به جاچ کان سواءِ الزام لڳايو ويو. هن چيو ته پاڪستان هميشه دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي ۽ هميشه کان هن معاملي ۾ عالمي جاچ جي آڇ ڪئي آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته پاڪستان جي سول ۽ فوجي قيادت گڏيل قومن سميت عالمي برادري سان رابطو ڪيو هو، مڪمل سهڪار ۽ ٽياڪڙي جي آڇ ڪئي جڏهن ته ڀارت امن جي ان آڇ کي رد ڪيو ۽ ان بدران ڇهن الڳ الڳ هنڌن تي رات جي وقت حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ بي گناهه شهري شهيد ٿيا. وڏي وزير چيو ته اسان جي هٿياربند فوجن اهڙي طرح جواب ڏنو جو ڀارت کي ڪلاڪن اندر سفيد جهنڊا لهرائڻ تي مجبور ڪيو. پاڪستان ايئر فورس پنج ڀارتي جهاز ۽ هڪ ڊرون ڪيرايو. اسان صرف ان ڪري پٺيان هٽياسين ته معاملو وڌيڪ نه وڌي نه ته هڪ به ڀارتي جهاز نه بچي ها. وڏي وزير زور ڏنو ته اهو رد عمل غرور نه هو پر قوم جي اتحاد ۽ عزم جو مظاهرو هو. هن پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو حوالو ڏنو جنهن چيو ته اسان پرامن آهيون پر جيڪڏهن اسان جي ملڪ کي خطرو لاحق ٿيو ته ڪوبه سمجھوتو نه ٿيندو. وڏي وزير فخر سان هن موقعي تي ان رانديگرن جو ذڪر ڪيو جن تازو ئي ڀارتي باڪسرن کي شڪست ڏني هئي، جنهن سان قومي حوصلو وڌيو. هن پنهنجي خطاب جي پڄاڻي ڪندي چيو ته رڳو ڪجهه ڪلاڪن ۾ سڀني سياسي پارٽين جا نمائندا اسان جي هٿياربند فوجن سان گڏ ٻڌيءَ لاءِ گڏ بيٺا آهن ۽ پرجوش نعرا، پاڪستان زنده باد سان گڏ عوام جي اڳواڻي ڪئي. وڏي وزير ٻيهر تصديق ڪئي ته جيڪڏهن ضروري ٿيو ته قوم پاڪستان لاءِ پنهنجي رت جو آخري ڦڙو به قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندڙن ۾ صوبائي وزير سعيد غني، اي اين پي جو صوبائي وزير شاهي سيد، جماعت اسلامي جا اڳواڻ، پ پ پ جو سينيٽر وقار مهدي، جماعت اسلامي ۽ مسلم ليگ (ق) جا اڳواڻ شامل هئا.احتجاجي ريلي پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) پاران ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران ڀارت جي تازي جارحيت جي جواب ۾ منعقد ڪئي وئي. ريلي ۾ مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي جن ۾ جماعت اسلامي، عوامي نيشنل پارٽي ۽ مسلم ليگ (ق) جا عهديدار شامل هئا.