اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جو اجلاس 8 مئي جي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. ڪالهه قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پهلگام واقعي ۽ ان کي بنياد بڻائي پاڪستان تي ڀارتي حملي تي بحث ٿيو. وزيراعظم به ايوان کي اعتماد ۾ ورتو. بعد ۾ اجلاس خميس جي صبح 11 وڳي تائين تائين ملتوي ڪيو ويو.