اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي(اين ايس سي) ڀارت جي بناجواز بزدلاڻن ۽ غير قانوني جنگي قدمن کي پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ معصوم حياتين جي نقصان ۽ پنهنجي خودمختياري جي کلي عام خلاف ورزي جو بدلو وٺڻ لاءِ پنهنجي مرضي جو وقت، هنڌ ۽ انداز ۾ جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. پاڪستان جي هٿياربند فوج ڀارتي جارحيت خلاف پنهنجي علائقائي سلامتي جو پرعزم طريقي سان دفاع ڪيو. قوم ڪنهن به جارحيت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. عالمي برادري ڀارت جي بنا جواز، غير قانوني قدمن جي سنگيني جو ادراڪ ڪندي ان کي عالمي اصولن ۽ قانونن جي سراسر خلاف ورزين لاءِ جوابده بڻائي. پاڪستان وقار ۽ عزت سان امن لاءِ پرعزم آهي پر ڪڏهن به پنهنجي خودمختياري، علائقائي سلامتي جي خلاف ورزي جي اجازت نه ڏيندو. قومي سلامتي ڪميٽي (اين ايس سي) جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڀارتي جارحيت جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل معصوم شهرين جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي، شهيدن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان اربع ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب اين ايس سي ڀارت جي بنا جواز، بزدلاڻe جنگ جي غير قانوني قدمن سبب پيدا ٿيل سنگين صورتحال تي غور ڪيو. بيان ۾ ٻڌايو ويو ته 6/7 مئي 2025ع جي رات ڀارت جي هٿياربند فوج پاڪستان جي خودمختيار سرزمين جي اندر ڪيترن ئي هنڌن تي ميزائل، فضائي ۽ ڊرون حملا ڪيا، جن ۾ پنجاب ۾ سيالڪوٽ، شڪر ڳڙهه، مريدڪي ۽ بهاولپور، آزاد ڪشمير ۾ ڪوٽلي ۽ مظفرآباد شامل آهن. انهن بنا جواز حملن ۾ خيالي دهشتگرد ڪيمپن جي موجودگي جو ڪوڙو بيانيو بڻائي ڄاڻي واڻي شهري علائقن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ بي گناهه مرد، عورتون ۽ ٻار شهيد ٿيا ۽ مسجدن سميت شهري انفرا اسٽرڪچر کي نقصان پهتو. ڀارت جي جارحاڻي عمل سان برادر نار وارن ملڪن سان تعلق رکندڙ ڪمرشل ايئر لائنز کي به شديد خطرا پيش آيا، جنهن سان جهاز ۾ موجود هزارين مسافرن جون زندگيون خطري ۾ پئجي ويون. ان کانسواءِ نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ کي به عالمي ڪنوينشنز جي خلاف ورزي ڪندي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو. قومي سلامتي ڪميٽي واضح طور تي انهن غير قانوني ڪاررواين، جيڪي عالمي قانونن تحت سراسر جنگي ڪاررواين جي زمري ۾ اچن ٿيون، کي پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي سراسر خلاف ورزي قرار ڏيندي مذمت ڪئي. بيان موجب ڀارتي فوج طرفان معصوم عورتن ۽ ٻارن سميت عام شهرين کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ هڪ ڪڌو ۽ شرمناڪ ڏوهه آهي جيڪو انساني قدرن ۽ اصولن ۽ عالمي قانونن جي ابتڙ آهي. بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان پنهنجي سرزمين تي دهشتگرد ڪيمپن جي موجودگي جي دعوائن بابت ڀارتي الزامن کي سختي سان رد ڪندو رهيو آهي. ياد رهي ته 22 اپريل 2025ع جي فورن بعد پاڪستان قابل اعتماد، شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ جي مخلصاڻي آڇ ڪئي جنهن کي بدقسمتي سان قبول نه ڪيو ويو. عالمي ميڊيا جا نمائندا اڳ ئي 6 مئي 2025ع تي ان ”خيالي دهشتگردن جي ڪيمپن“ جو دورو ڪري چڪا هئا ۽ 7 مئي 2025ع تي وڌيڪ دورا ڪرڻا هئا تنهن هوندي به پنهنجي ڪوڙ جي بي نقاب ٿيڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي پنهنجي دعوائن جي باري ۾ ثبوت کانسواءِ ڪنهن به اخلاقيات کان خالي ڀارتي قيادت پنهنجي دوکي وارن خيالن ۽ تنگ نظري تي ٻڌل سياسي مقصدن جي تسڪين لاءِ معصوم شهرين تي حملا ڪرڻ جي حد تائين هلي وئي. پاڪستان لاءِ پنهنجي معصوم شهرين تي حملا ناقابل برداشت ۽ قبولڻ جوڳا ناهن. ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر سموري هوش کي مٿانهون رکندي خطي ۾ باهه ڀڙڪائي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٿيل نتيجن جي سموري ذميواري پوري طرح ڀارت تي لاڳو ٿيندي. بيان موجب پاڪستان جي هٿياربند فوج 22 اپريل 2025ع تي اين ايس سي طرفان جاري ڪيل بيان تحت دفاع جو حق ۽ رد عمل جي فريم ورڪ موجب ڀارتي جارحيت خلاف آزاد ڄمون ڪشمير سميت پاڪستان جي علائقائي سلامتي جو پرعزم طريقي سان دفاع ڪندي 5 ڀارتي جنگي جهازن ۽ ”يو اي ويز“ کي ماري ڪيرايو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 موجب، پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ پنهنجي معصوم شهرين جي جانين ۽ پنهنجي خودمختياري جي کلي عام ڀڃڪڙي جو بدلو وٺڻ لاءِ پنهنجي مرضي جي وقت، هنڌ ۽ انداز ۾ جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. پاڪستان جي هٿياربند فوج کي ان ڏس ۾ برابر جا قدم کڻڻ جو باضابطه اختيار ڏنو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جي ننگي جارحيت تي شديد ڏک ۽ ڪاوڙ جو شڪار پوري پاڪستاني قوم هٿياربند فوج جي بهادري، جرئت ۽ ملڪ جي دفاع ۾ بروقت ڪارروائي کي بي حد ساراهي ٿي. قوم وڌيڪ ڪنهن به جارحيت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پرعزم ۽ تيار آهي. اين ايس سي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڀارت جي بنا جواز غير قانوني قدمن جي سنگيني جو احساس ڪندي ان کي عالمي قانونن ۽ اصولن جي کليل ڀڃڪڙين لاءِ جوابده بڻائي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان عزت ۽ وقار سان امن لاءِ بدستور پرعزم آهي ۽ ورجاءُ ڪري ٿو ته هو ڪڏهن به پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي ڪنهن به خلاف ورزي جي اجازت نه ڏيندو ۽ نه ئي پنهنجي قابل فخر عوام کي ڪو نقصان پهچائڻ ڏيندو.