اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتيءَ تي ڀارت بزدلاڻو حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ بيگناهه 26 مرد عورتون ۽ ٻار شهيد ٿيا ۽ ڪجهه مسجدن کي نقصان پهتو، پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي، جڏهن ته اسان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتيءَ جو پوري طاقت سان دفاع ڪنداسين. هن مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان يڪجهتي ۽ حمايت تي قطر جو ٿورو مڃون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف کي قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير محمد بن عبدالرحمان بن جاسم بن جابر الثاني فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان يڪجهتي ۽ حمايت تي قطر جو ٿورو مڃيندي وزيراعظم شهباز شريف ڀارت طرفان پاڪستان ۾ 6 هنڌن تي ميزائل حملن کي بلا اشتعال ڪارروائي قرارڏيندي ان جي شديد مذمت ڪئي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي تي بزدلاڻو حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ بيگناهه 26 مرد، عورتون ۽ ٻار شهيد ٿيا ۽ ڪجهه مسجدن کي نقصان پهتو. هن چيو ته ڀارت جي ان جارحاڻي ڪارروائي ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچايو آهي. وزيراعظم چيو ته جتي پاڪستان خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي اتي پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتيءَ جو پوري طاقت سان دفاع ڪندو. هن چيو ته پهلگام واقعي کانپوءِ هن ڀارت جي لڳايل الزامن جي غير جانبدار ۽ـ شفاف عالمي جاچ جي آڇ ڪئي هئي. هن چيو ته اسان کي خوشي ٿيندي جيڪڏهن قطر ان ڪوشش ۾ شامل هجي ها، جڏهن ته ڀارت جارحيت جو خطرناڪ رستو اختيار ڪيو جنهن سان سندن غير ذميداراڻي رياستي رويي جو اظهار ٿئي ٿو جنهن سان خطي ۾ امن جي صورتحال خراب ٿي. قطر جي وزيراعظم قيمتي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي عزم کي ساراهيندي چيو ته قطر خطي ۾ موجوده ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو.