اسلام آباد -07 مئي (اي پي پي) دفاع بابت وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي، ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ برتري حاصل ڪندي ڀارت جي 5 جهازن کي تباهه ڪري ڇڏيو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي دفاع واري وزير چيو ته ڀارتي ننگي جارحيت جو جواب ڏيندي پاڪستان هن وقت تائين ڀارت جا 5 ويڙهاڪ جهاز تباهه ڪيا آهن. دفاع بابت وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته ڀارت طرفان پاڪستان جي مختلف هنڌن کي هدف بڻايو ويو، ڀارت پنهنجي فضائي حدن مان ميزائيل فائر ڪيا آهن، مسجدون ۽ عام شهري شهيد ٿيا آهن جن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن ۽ ڀارت دعويٰ ڪري رهيو آهي، ته دهشتگردن تي حملا ڪيا آهن جڏهن ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي. هن عالمي ميڊيا کي دعوت ڏني آهي ته هو ڀارت طرفان نشانو بڻايل هنڌن جو دورو ڪن ته جيئن هندستان جو ڪوڙ سامهون اچي وڃي. هن چيو ته هندستان ۾ ايتري جرئت ناهي جو هو پاڪستان جي فضا کي استعمال ڪري. هن پنهنجي فضائي حدن مان ميزائيل فائر ڪيا آهن. هن چيو ته اسان پهرين به چيو هو ته پهلگام واقعي جي عالمي جاچ ڪرائي وڃي، هاڻي اسان چئون ٿا ته انٽرنيشنل ميڊيا انهن هنڌن کي پاڻ ڏسي ته اهي ڪهڙا دهشتگردن جا حملا آهن جتي معصوم ٻار شهيد ۽ عورتون زخمي ٿيون آهن. هن چيو ته پاڪستان طرفان ڀرپور جواب ڏنو ويندو، پهلگام واقعي کان پوءِ ڪهڙا ملڪ هن وقت تائين ڀارت جي حمايت ۾ کلي سامهون آيا آهن؟ هن چيو ته پاڪستان سفارتي ۽ فوجي سطح تي ڀرپور جواب ڏيندو.