راولپنڊي-07 مئي (اي پي پي) ڀارت جي بزدلاڻي حملي کانپوءِ پاڪستان جي ڀرپور ۽ منهن ٽوڙ جواب کانپوءِ ڀارتي فوج وادي ليپه سيڪٽر جي پوسٽ وانجل فارورڊ تي به اڇو جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستان آرمي طرفان لائن آف ڪنٽرول تي دشمن کي وڏو نقصان پهچائڻ جو سلسلو جاري آهي، ان کان اڳ چورا ڪامپليڪس پوسٽ ۽ چڪوٺي سيڪٽر ۾ به ڀارتي فوج سفيد جهنڊو ڦڙڪايو هو. جنگ دوران سفيد جهنڊو ڦڙڪائڻ جو مطلب شڪست تسليم ڪرڻ آهي. ڀارتي فوج جي بزدلاڻي ڪاررواين جو پاڪ فوج اثرائتو جواب ڏئي رهي آهي. پاڪستان طرفان جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ڀارتي فوج بوکلاهٽ ۽ خوف ۾ مبتلا ٿي چڪي آهي.