اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) سائبر ڪرائمز جي روڪٿام واري قومي اداري (اين سي سي آءِ اي) هڪ اهم سائبر سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪندي عوام کي خبردار ڪيو آهي ته موجوده پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ جي روشني ۾ دشمن عنصر جعلي خبرن، ڪوڙي معلومات ۽ هيڪ ٿيل مواد ذريعي عوام ۾ خوف ۽ هراس پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا. اداري موجب عوام کي جعلي خبرن ۽ پروپيگنڊا، هيڪ ٿيل مواد ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات، سائبر حملا ۽ فشنگ لنڪس ذريعي فراڊ جهڙين سرگرمين بابت هوشيار رهي. الرٽ ۾ چيو ويو آهي ته عوام صرف تصديق ٿيل ۽ سرڪاري ذريعن کان حاصل ٿيل معلومات شيئر ڪري. اهڙين پوسٽن کان پاسو ڪري جيڪي نفرت، خوف يا اڻ تصديق ٿيل فوجي اطلاعن تي ٻڌل هجن. چڙ ڏياريندڙ مواد ۽ شڪي پرڏيهي اڪائونٽس کان بچو. عوام کي چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي ٽو فيڪٽر اٿينٽيڪيشن (2FA) فعال ڪن. جعلي پروفائلز، بوٽ سرگرمي ۽ گمراهه ڪندڙ معلومات جو اطلاع ڏين. عوام کي چيو ويو آهي ته هو جعلي مواد يا شڪي سرگرمين جو اطلاع ڏيڻ لاءِ 1799 تي ڪال ڪن يا [email protected] تي اي ميل ڪن.