لاھور – 07 مئي (اي پي پي) پيپلز پارٽي سينٽرل پنجاب جي صدر راجه پرويز اشرف پاڪستان تي ڀارت جي بزدلاڻي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آھي ته رات جي اونداهي ۾ حملو ڪرڻ واري بزدل دشمن کي ڀرپور جواب ڏيڻ تي فوج کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. گذريل ڏينھن ان حوالي سان جاري بيان ۾ راجه پرويز اشرف چيو ته پاڪستان جي شھري آبادي تي ڀارت جي بمباري جنيوا ڪنوينشن جي کليل ڀڃڪڙي آھي، پاڪ فوج ۽ عوام پنھنجي زمين جو دفاع ڪرڻ ڄاڻين ٿا. ھن چيو ته دشمن کي عالمي برادري ۾ به شرمندو ٿيڻو پيو، گڏيل قومن ۽ آمريڪي صدر جا بيان مودي سرڪار لاءِ وارننگ آھن. راجه پرويز اشرف چيو ته عالمي برادري ڀارت جي جارحيت جو نوٽيس وٺي.