اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق رات جي اونڌاهي ۾ ڀارت جي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته هندستان رات جي اونڌاهي ۾ روايت موجب آزاد ڪشمير جي ٻن هنڌن ڪوٽلي ۽ مظفر آباد ۾ حملو ڪيو. جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڪوٽلي ۾ هڪ عورت ۽ هڪ ٻار شهيد ٿيو آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته انشاءُ الله هندستاني جارحيت جو پاڪ فوج سان گڏجي ڀرپور جواب ڏينداسين.