پشاور-07 مئي (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڀارتي جارحيت جو اثرائتو ۽ وقت سر جواب ڏيڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. هن پاڪ فضائيه طرفان ڀارتي جنگي جهازن کي ماري ڪيرائڻ تي پاڪ فضائيه کي مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪ فضائيه سميت هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارت کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي. پاڪ فضائيه بهترين پيشيوراڻي مهارت سان ملڪي دفاع ۾ هڪ ٻي تاريخ رقم ڪري ڇڏي. گورنر چيو ته پهرين ئي چيو هو ته ڀارت ڪنهن دوکي ۾ نه رهي. پاڪ فضائيه ۽ هٿياربند فوج ڀارت جي غلط فهمي اثرائتي انداز ۾ ختم ڪري ڇڏي. هن چيو ته ڀارتي فوج کي جنگ جي شروعات ۾ ئي اڇو جهنڊو ڦڙڪائڻو پيو. هن چيو ته ڀارت کي معصوم پاڪستاني شهرين جي شهادت مهانگي پوندي. خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي بهاولپور، ڪوٽلي ۽ مظفر آباد تي ميزائل حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي اسان ڀرپور صلاحيت رکون ٿا، قوم تسلي رکي اسان جا بهادر سپاهي منهن ٽوڙ جواب ڏيندا. پاڪستان جي خودمختياري تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. هن چيو ته ڀارت طرفان اشتعال انگيز ڪارروايون قبولڻ جوڳيون ناهن ۽ پاڪستان جي عوام ۽ هٿياربند فوج هر قسم جي دشمني جو ڀرپور ۽ فيصلائتو جواب ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن. هن پاڪستاني علائقن کي نشانو بڻائڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو ڀارت جي غير ذميواراڻي ۽ خطرناڪ رويي جو فوري نوٽيس وٺي.