ڊيرا غازي خان-06 مئي (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته قومي يوٿ پاليسيءَ جي سلسلي ۾ مشاورتي سيشنز جي شروعات ڪئي وئي آهي، ڀارت پنهنجي ڪوڙي پروپيگنڊا سان خطي جو امن تباهه ڪرڻ چاهي ٿو، هن جارحيت ڪئي ته مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، موسمياتي تبديلين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا پيا وڃن. اسرائيل جو فلسطين ۾ هٿين خالي مسلمانن جو قتلِ عام نهايت افسوسناڪ آهي. اُمت جو اتحاد وقت جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن غازي يونيورسٽيءَ ۾ National Adolescent and youth policy consultation جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي غازي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اشفاق احمد ۽ پروفيسر ڊاڪٽر ارشد لغاري ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. رانا مشهود چيو ته ڊيرا غازي خان ۾ سرائڪي، پنجابي ۽ بلوچ کان سواءِ ٻيون قومون گڏجي رهن ٿيون. هن چيو ته موجوده حڪومت نوجوانن جي مستقبل کي روشن بنائڻ لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي ۽ ان حوالي سان اسان 2013ع ۾ پهريون ڀيرو يوٿ پاليسي متعارف ڪرائي جنهن کي سٺي موٽ ملي. هن چيو ته گذريل هفتي ڪي پي ڪي جو دؤرو ڪري اتي جي نوجوانن سان مختلف سيشنز ۾ ملاقاتون ڪيون ۽ اتي مون کي خبر پئي ته اتي جي صوبائي حڪومت گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪابه يونيورسٽي قائم ناهي ڪئي پر يونيورسٽين کي پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته هو پنهنجا اثاثا وڪڻي پنهنجو نظام هلائين. هن چي ته ٻي طرف پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي اڳواڻيءَ ۾ پنجاب حڪومت ڀرپور انداز سان نوجوانن کي بااختيار بنائڻ جي مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ پنجاب جي مختلف يونيورسٽين ۾ نَون 32 وائيس چانسلر مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن تعليمي نظام کي اثرائتي انداز سان هلائي سگهجي. هن چيو ته غازي يونيورسٽي، ڊيرا غازي خان جو چارٽرڊ به مون 2014ع ۾ پيش ڪيو هو ۽ مون کي هتي پهچي خبر پئي ته 2019ع کان پوءِ هتي ڪوبه ڪانووڪيشن جو بندوبست ناهي ڪيو ويو ۽ گذريل ڏينهن ٿيندڙ ڪانووڪيشن ۾ 2019ع کان 2023ع تائين پاس ٿيل شاگردن ۾ سَندون ورهايون ويون. هن چيو ته موجوده وائيس چانسلر نهايت محنت ۽ لڳن سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اسان کي سندس صلاحيتن تي فخر آهي. رانا مشهود چيو ته يونيورسٽي انتظاميه طرفان مون کي اهو ٻُڌايو ويو آهي ته هاڻي هتي ڪانووڪيشن سالياني بنيادن تي منعقد ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان ڪابه دير ناهي ڪئي ويندي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن)) جي حڪومت پنجاب ۾ شاگردن کي جديد علم ۽ آءِ ٽي جي علم سان روشناس ڪرائڻ لاءِ 10 لک ليپ ٽاپ ورهايا آهن جڏهن ته وفاقي ۾ 7 لک کان وڌيڪ ليپ ٽاپ ورهايا ويا آهن. هن چيو ته ملائيشيا پاڪستان ۾ لائيو اسٽاڪ جي حوالي سان گهري دلچسپي رکي ٿو ۽ هو لائيو اسٽاڪ ۾ 200 ملين ڊالرن تائين خرچ ڪرڻ چاهي ٿو. ڊيرا غازي خان لائيو اسٽاڪ جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ بهترين خطو تصور ڪيو ويندو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ڊيرا غازي خان ڊويزن ۾ لائيو اسٽاڪ کي هٿي وٺرائي وڃي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان تي جنگ مڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ هن ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي هاڻي به ان کي شرمندگيءَ جو مُنهن ڏسڻو پيو آهي ۽ ان جو مڪروه چهرو دنيا آڏو وائکو ٿي چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان ايٽمي ملڪ آهي ۽ پاڪ فوج سرحدن تي پنهنجي وطن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي. ڀارت جي هر ڪوڙي پروپيگنڊا ۽ سازش کي ناڪام بنايو ويندو. هن چيو ته ڀارت پاڪستان سان 4 جنگيون ڪري چڪو آهي ۽ ان جي جارحيت جو پاڪ فوج هميشه اثرائتي انداز ۾ مُنهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي. هن چيو ته ميان نواز شريف پنهنجي اڳوڻي حڪومتي دؤر ۾ عالمي دٻاءُ باوجود پاڪستان کي ايٽمي قوت بنائڻ جو خواب پورو ڪيو. ڊاڪٽر قدير خان ۽ ميان نواز شريف اسان جي ملڪ جا محسن آهن. هن چيو ته اسرائيل فلسطين تي ظلم ڪري رهيو آهي، مسلم اُمت کي گڏجي ان جو ڀرپور جواب ڏيڻ گهرجي.