لنڊن-06 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب 3 ڏينهن جي سرڪاري دؤري تي لنڊن پهچي ويو. برطانيه ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل ۽ ٻين عملدارن وفاقي وزير جو لنڊن ۾ هيٿرو ايئرپورٽ پهچڻ تي استقبال ڪيو. ناڻي واري وزير جي دؤري جو مقصد پاڪستان برطانيه ٻه طرفن اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ، پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ برطانوي سرڪاري عهديدارن، عالمي مالياتي ادارن ۽ برطانيه ۾ ڪاروباري اڳواڻن سان رابطا قائم ڪرڻ آهي. وفاقي وزير ”پاڪستان ايڪسيس ڊي“ جي عنوان سان هڪ سيڙپڪاري گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس برطانيه جي مشهور انويسٽمينٽ بئنڪنگ فرم جيفريز طرفان منعقد ڪئي پئي وڃي. وفاقي وزير برطانيه ۾ آءِ ٽي جي شعبي بابت سيڙپڪارن سان هڪ گول ميز ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. ان ڪانفرنس ۾ مصنوعي ذهانت، کاڻيون کوٽڻ ۽ صحت جي شعبي ۾ پاڪستان ۾ موجود ڪاروباري موقعن تي ڌيان ڇڪرايو ويندو.