اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ ڀرپاسي جابلو علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب (اڄ) اربع ڏينهن ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته شام / رات ۾ جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪشمير، خيبر پختونخوا، ڏکڻ اوڀر سنڌ ۽ پوٺورهار خطي ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي، جڏهن ته سنڌ، مٿانهون خيبر پختونخوا ۽ ڪشمير ڪجهه هنڌن تي تيز هوائون ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد نوڪنڊي ۾ 43، دالبندين، جيڪب آباد ۾ 41، ڇور، دادو، لسٻيلو، سبي ۾ 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.