واشنگٽن-06 مئي (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ واشنگٽن ڊي سي ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ آمريڪي ٿنڪ ٽينڪس جي نمائندن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ پهلگام حملي کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ بابت آگاهه ڪيو. پاڪستاني سفير ان موقعي تي ٻُڌايو ته پهلگام واقعي جي 10 منٽن اندر ايف آءِ آر داخل ٿيڻ باوجود اڃا تائين ڪوبه ثبوت پيش نه ڪرڻ ان ڳالهه جي گواهي آهي ته ان واقعي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جا ڀارتي الزام بي بنياد آهن. هن چيو ته هي پهريون ڀيرو ناهي ته پاڪستان تي اهڙي طرح الزام لڳايا ويا آهن. پاڪستاني سفير آگسٽ 2019ع ۾ ڀارت طرفان ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت جي هڪ طرفي رد ٿيڻ جي پس منظر ۾ ان واقعي کي ڏسڻ جي درخواست ڪئي ۽ ٻُڌايو ته ڄمون ڪشمير هن وقت دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻجي چڪو آهي جتي ميڊيا، انٽرنيٽ ۽ چُرپر تي وڌيڪ پابنديون آهن جنهن سان اتي ڏاڍ جو ماحول پيدا ٿيو آهي. هن ڀارت جي شدت پسنديءَ تي ٻَڌل بيان بازي تي تنقيد ڪئي، جنهن ۾ ڀارتي قيادت جون ڌمڪيون به شامل آهن ۽ چيو ته ڀارت جي جهالت ۽ قبضي وارين سازشن علائقائي امن ۽ استحڪام کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ چونڊن ۽ ڀارتي حڪومت جي انتظامي نااهلين جو پاڪستان تي الزام نٿو لڳائي سگهجي. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان ڀارتي حڪومت جو هڪ طرفو قدم ان معاهدي جي شقن جي ابتڙ آهي. هن زور ڀريو ته درياهن جي پاڻيءَ جا حق غصب ڪرڻ ۽ 240 ملين ماڻهن جي زرعي معيشت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش کي جنگي عمل سمجهيو ويندو. هن چيو ته ڀارت ڊگهي عرصي کان لاقانونيت جو رويو اختيار ڪيو آهي. هن پاڪستان طرفان هر قسم جي دهشتگرديءَ جي مذمت جي تصديق ڪندي پاڪستان کي درپيش مسئلن کي اجاگر ڪيو، جتي گذريل سال دهشتگرديءَ جا هڪ هزار کان وڌيڪ واقعا ٿيا، جيڪي 2023ع جي ڀيٽ ۾ 40 سيڪڙو وڌيڪ آهن. هن مطالبو ڪيو ته پهلگام واقعي جي گڏيل قومن جي سرپرستيءَ ۾ يا دنيا جي وڏين طاقتن جي شموليت سان گڏ غير جانبدار، اعتماد جوڳي ۽ آزاد جاچ ڪرائي وڃي. هن ٻُڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف تازو ئي اسلام آباد ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر سان ملاقات ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ سهڪار تي مڪمل راضپو ظاهر ڪيو. هن خطي ۾ امن لاءِ آمريڪا، چين، برطانيه، سعودي عرب، ايران ۽ ٻين ملڪن جي حمايت تي سندس ٿورو مڃيندي چيو ته موجوده بحران عالمي طاقتن کي پراڻي ڪشمير تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ موقعو فراهم ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو آهي ته ڊگهي عرصي کان حل طلب ڪشمير مسئلي سان علائقائي ۽ عالمي امن کي خطرا لاحق آهن.