اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان يو ايس چيمبر آف ڪامرس ۽ يو ايس پاڪستان بزنس ڪائونسل جي وفد گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي آمريڪا جي ناظم الامور نيٽلي اي بيڪر پڻ وفد سان گڏ موجود هئي. يو ايس پي بي سي جو وفد سينيئر نائب صدر يو ايس چيمبر آف ڪامرس چارلس فري مين جي اڳواڻيءَ ۾ آيو. وفد سان ملاقات ۾ وفاقي وزير چيو ته يو ايس پي بي سي جي ان دؤري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ پاڪستان ۾ آمريڪي واپاري دلچسپيءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاريءَ جا موقعا وڌائڻ ۾ يو ايس پي بي سي جي ڪردار کي ساراهيو. واپار واري وزير چيو ته پاڪستان آمريڪا کي پنهنجي سڀ کان وڏي روانگي واپار واري مارڪيٽ طور قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ان اسٽريٽجڪ واپاري تعلق کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو. هن چيو ته واپاري خساري ۽ مارڪيٽ تائين پهچ جهڙن مسئلن کي لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان جامع حڪمت عمليءَ تحت حل ڪيو پيو وڃي. ملاقات ۾ آمريڪا جي ناظم الامور زرعي واپار ۾ هاڪاري اڳڀرائي جيئن ته آمريڪا کان پاڪستان سويابين جي روانگي واپار جي بحاليءَ کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط شراڪتداريءَ جي علامت قرار ڏنو. هن چيو ته ان سان زرعي سهڪار ۽ واپار ۾ تنوع جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. ڪپهه جي شعبي ۾ سهڪار به هڪ اهم شعبو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي ٽيڪسٽائل صنعت کي معياري ڪپهه جي ضرورت آهي ۽ آمريڪا ان ضرورت کي پورو ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. وفاقي وزير وفد کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان آمريڪي ڪاروباري ادارن ۽ سيڙپڪارن لاءِ سازگار واپاري ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ شفاف اصولن تي ٻَڌل ۽ منصفاڻي واپاري طريقن کي اختيار ڪيو پيو وڃي. يو ايس چيمبر جي چارلس فري مين پاڪستان حڪومت جي آجيان کي ساراهيو ۽ چيو ته حڪومت مڪمل طور تي ڪاروبار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن اقتصادي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ فني سهڪار ۽ مسلسل ڳالهين جي اهميت تي زور ڀريو.