اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مڇ، ضلعي ڪڇي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي تي ڀارتي پراڪسي ۽ نام نهاد بلوچ لبريشن آرمي جي دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگرد حملي ۾ شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي صوبيدار عمر فاروق، نائيڪ آصف خان، نائيڪ مشڪور علي، سپاهي طارق نواز، سپاهي واحد احمد فيض، سپاهي محمد عاصم ۽ سپاهي محمد ڪاشف خان کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي. هن شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پوري قوم ملڪ جي حفاظت جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته شهيدن جون اهي قربانيون رائيگان نه وينديون. هن چيو ته پاڪ فوج جا بهادر جوان دشمن جي ناپاڪ ارادن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهن، اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي.