اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نئين قائم ڪيل نيشنل انٽيليجنس فيوزن اينڊ ٿريٽ اسسمنٽ سينٽر (اين آءِ ايف ٽي اي سي) جو دورو ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ سروسز چيفس پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم جديد ترين اين آءِ ايف ٽي اي سي هيڊڪوارٽرز جو باضابطا افتتاح پڻ ڪيو، جيڪو پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي جي قومي حڪمت عملي کي ٺوس بڻائڻ جي لاءِ محور جو ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وفاقي ادارو اين آءِ ايف ٽي اي سي 50 کان وڌيڪ لاڳاپيل وفاقي، صوبائي ادارن ۽ ايجنسين کي انٽيليجنس ۽ خطري جي انتظام جي ڍانچي ۾ گڏ ڪري ٿو ۽ ان کي مرڪزي قومي ڊيٽابيس کان پڻ مدد حاصل آهي. ذيلي قومي سطح تي اين آءِ ايف ٽي اي سي ڇهن صوبائي انٽيليجنس فيوزن اينڊ ٿريٽ اسسٽمنٽ سينٽرز (پي آءِ ايف ٽي اي سيز) سان ڳنڍيل آهي جن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا مرڪز پڻ شامل آهن جنهن سان وفاق سان صوبن جي وچ ۾ هموار رابطاڪاري کي يقيني بڻايو پيو وڃي. اهو ٺوس فريم ورڪ ڪيترن ئي شعبن ۾ انٽيليجنس (معلومات) کي گڏ ڪرڻ، تجزيو ڪرڻ ۽ آپريشنل ردعمل کي هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ جوڙيو ويو آهي. اداراجاتي صلاحيتن جي مڪمل اسپيڪٽرم مان فائدو کڻندي اين آءِ ايف ٽي اي سي قومي تيارين ۾ اضافي، وسيلن جي استعمال کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ دهشتگردي جي خالف هڪ ٺوس ۽ وقت سر ردعمل کي پڻ فعال انداز ۾ يقيني بڻائيندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان اهم صلاحيت کي عملي جامعو پارائڻ ۾ شامل سمورين ڌرين جي ڪوششن کي ساراهيندي اين آءِ ايف ٽي اي سي کي گڏيل خطري جي سُڃاڻپ ۽ ردعمل جي لاءِ هڪ بهترين قومي پليٽ فارم قرار ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردي، غيرقانوني نيٽ ورڪس ۽ ٻاهرئين سرپرستي جي ڳٺ جوڙ کي سبوتاز ڪرڻ جي لاءِ مضبوط ۽ موثر اداراجاتي مڪينزم گهربل آهي. هن چيو ته اين آءِ ايف ٽي اي سي ملڪ مان دهشتگردي ۽ ان جي معاون ڍانچي کي پاڙ کان پٽڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.