اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس اربع 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ مختلف سياسي پارٽين جي ميمبرن پهلگام فالس فليگ آپريشن بعد جي صورتحال تي بحث ۾ حصو ورتو. پينل آف چيئر جي چيئرپرسن عبدالقادر پٽيل اجلاس جي وڌيڪ ڪارروائي (اڄ) اربع 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.