ڪراچي-06 مئي (اي پي پي) رٽرننگ آفيسر/صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوھاڻ جي جاري ڪيل پڌرائي موجب سينيٽ جي ننڍي چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جو سيد وقار مھدي 111 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آھي. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي نگھت مرزا 36 ووٽ حاصل ڪيا. 2 ووٽ غلط مارڪنگ جي ڪري رد ٿيا. پولنگ سنڌ اسيمبلي ۾ صبح جو 9 وڳي کان شام جو 4 وڳي تائين بنا تعطل جاري رھي.