اسلام آباد-06 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس طرفان پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ امن جي قيام لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ۾ اصل ۾ پاڪستان جي اصولي مؤقف جي تائيد آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت بنا ڪنهن ثبوت جي پاڪستان تي الزام لڳايو ۽ ان واقعي کي بهانو بنائي سنڌ طاس معاهدي کي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون. بنا ڪنهن ٺوس شاهدين جي فوري طور پاڪستان خلاف الزام تراشيءَ سان ڀارت جي فالس فليگ آپريشن جو تاثر ملي ٿو، جنهن کي سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙيءَ جو جواز بنائڻ جي ڪوشش سمجهيو پيو وڃي. ان جي ابتڙ واقعي جي غير جانبدار جاچ جي پاڪستان جي اپيل کي عالمي حمايت حاصل ٿي جنهن سان ڀارتي بيانيو بي نقاب ٿي ويو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري پڻ پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ امن جي قيام لاءِ ٽياڪڙي جي آڇ ڪندي پاڪستان جي اصولي مؤقف جي تائيد ڪئي. چين، ترڪيه ۽ ايران سميت ڪيترن ئي ملڪن پهلگام واقعي جي آزاد ۽ شفاف عالمي جاچ لاءِ پاڪستان جي اپيل جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي.