نئين دهلي -06 مئي (اي پي پي) چين پهلگام واقعي کان پوءِ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران اوڀر لداخ ويجهو جديد هٿيارن سان فوجي مشقون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب فوجي مشقن ۾ ٽرڪن تي نصب آرٽلري گن ۽ ڊگهي مفاصلي تائين مار ڪندڙ راڪيٽن سان فائرنگ شامل آهي. فوجي مشقون تبت ۾ ڪيون پيون وڃن پر ڀارت موجوده ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب انهن مشقن سخت خوف ۾ ورتل آهي.