واشنگٽن -06 مئي (اي پي پي ) آمريڪا ۾ ٽرمپ انتظاميا چيو آهي، ته هو رضاڪاراڻا طور پنهنجي ملڪ وڃڻ لاءِ آمادگي ظاهر ڪندڙ پناهگيرن کي سفر جي خرچ جي مد ۾ هڪ هزار ڊالر ڏيندي. پرڏيهي ميڊيا موجب هوم لينڊ سيڪيورٽي واري سيڪريٽري ڪرسٽي نوم اهڙن پناهگيرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن توهان هتي غيرقانوني طور موجود آهيو ته گرفتاري کان بچڻ لاءِ پاڻ ئي پنهنجي ملڪ وڃڻ واري بهترين، محفوظ ۽ سڀ کان سستي طريقي مان فائدو کڻو. سيڪريٽري ڪرسٽي نوم جو چوڻ هو ته هوم لينڊ سيڪيورٽي هاڻي سي بي پي هوم ايپ ذريعي غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي مالي سفري امداد ۽ سندن اباڻن ملڪ ڏانهن واپس وڃڻ لاءِ وظيفا پيش ڪري رهي آهي. اداري جو چوڻ آهي ته هڪ هزار ڊالر جو وظيفو انهن ماڻهن کي ڏنو ويندو جيڪي پاڻ ڊيپوريٽ ٿي پنهنجي اباڻن ملڪن ڏانهن ويندا. ۽ ايپ انهن جي تصديق ڪندي. هوم لينڊ سيڪيورٽي اداري بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڻ کي ملڪ بدر ڪرڻ آمريڪا ڇڏڻ جو هڪ باوقار طريقو آهي. غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين کي آمريڪي اميگريشن اينڊ ڪسٽمز انفورسمينٽ سامهون اچڻ کان بچڻ لاءِ اجازت ڏيندو. اداري موجب سفري امداد ۽ وظيفي جي ادائيگي باوجود اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته سي بي پي هوم جي استعمال ذريعي آمريڪا ڇڏڻ جي خرچ ۾ اٽڪل 70 سيڪڙو لاٿ ايندي. هن وقت ڪنهن غير دستاويزي پناهگيرن کي گرفتار ڪرڻ ۽آمريڪا بدر ڪرڻ جي سراسري لاڳت 17 هزار ڊالر کان به وڌيڪ آهي. اداري موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي چونڊ مهم دوران آمريڪي ووٽرز سان واعدو ڪيو هو ته هو ٻيهر صدر بڻجي لکين پناهگيرن کي پنهنجن اباڻن ملڪن ڏانهن واپس موڪليندو.