اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۾ خوارج جي خلاف مختلف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڪاررواين دوران 8 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن ڏکڻ وزيرستان ۾ ڪارروائي دوران شهادت ماڻيندڙ نائيڪ مجاهد خان کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر آصف علي زرداري نائيڪ مجاهد خان جي حب الوطني جي جذبي ۽ بهادري کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان جي بهادر فوج فتنه الخوارج جي خاتمي لاءِ ڪامياب ڪارروايون ڪري رهي آهي. صدر دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. صدر شهيد جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.