اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلوچستان ۽ ان جي عوام جي ترقي ۽ ڀلائي اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل ملاقات ڪئي. ان موقعي تي بلوچستان صوبي جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۽ ان جي عوام جي ترقي ۽ ڀلائي اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. بلوچستان جي گورنر وزيراعظم کي پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارتي جارحيت جي ڏس ۾ بلوچستان پاران مڪمل تعاون ۽ يڪجهتي جو يقين ڏياريو.