اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ فتح ميزائيل جي تربيتي لانچ جي ڪاميابي تي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف آرمي اسٽاف، آرمي چيف ۽ ان جي تياري ۾ شامل سياستدانن ۽ انجنيئرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته تربيتي لانچ جي ڪاميابي سان واضح ٿي ويو آهي ته پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ ملڪي دفاع جي لاءِ ڀرپور تياري تي اطمينان جو اظهار ڪيو.