اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري فتح ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي سياستدانن ۽ انجنيئرز کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر زمين کان زمين تي مار ڪندڙ فتح ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. هن ملڪي دفاع کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز، سائنسدانن ۽ انجنيئرز جي ڪوششن کي ساراهيو. صدر ملڪي سلامتي ۽ دفاع يقيني بڻائڻ جي لاءِ قومي عزم جو ورجاءُ ڪيو.