چنيوٽ-05 مئي (اي پي پي) پاڪستاني فوج سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڀارتي جارحيت خلاف عظيم الشان ريلي وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي. جنهن ۾ شهرين جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن بينرز، پلي ڪارڊ کنيا هئا، جن تي ڀارت جي جارحيت خلاف نعرا لکيل هئا. وفاقي وزير پوري دنيا کي پيغام ڏنو آهي، ته 24 ڪروڙ پاڪستاني عوام پنهنجي فوج ۽ دفاعي ادارن سان گڏ آهي. ڀارت ڪنهن به قسم جي جارحيت ڪئي ته قوم جي سپھ سالار جنرل عاصم منير جي اڳواڻي ۾ کين منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. قوم دفاع ۽ استحڪام لاءِ پاڪ فوج ۽ قومي سلامتي جي ادارن سان گڏ بيٺل آهي، اسان جي ملڪ جي امن واري خواهش کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، پر حملي جي صورت ۾ ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. اسان جي بهادر فوج بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ ڀارتي دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي سرحدن جو دفاع به ڪري رهي آهي. هن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ڀارت کي تمام گهڻو تڪبر ۽ گهمنڊ آهي ۽ علائقي ۾ پنهنجي بالادستي چاهي ٿو، اسان سندس غرور کي مٽي ۾ ملائي ڇڏينداسين.