سرينگر -05 مئي (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ حريت پسند عوام کي اجتماعي سزا ڏيڻ جي هڪ حصي طور ڀارتي اختيارين گهرن کي ڊاهڻ جي مهم ۾ تيزي آندي آهي ۽ پهلگام جي فالس فليگ آپريشن کان پوءِ علائقي ۾ 3 درجن کان وڌيڪ گهرن کي ڊاهيو ويو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب مودي حڪومت جي گهرن ڊاهڻ واري پاليسي تحت ڪو به ڪشميري جيڪو پنهنجي وطن کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي خلاف احتجاج ڪري ٿو، سوشل ميڊيا تي ڪجهه به لکي ٿو ۽ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ راءِ شماري جو مطالبو ڪري ٿو، سندس گهر کي ڊاهي سزا ڏني وڃي ٿي. ڀارتي پوليس 24 اپريل تي 14 نوجوانن جي لسٽ جاري ڪئي جن جي گهرن کي ڪشمير وادي ۾ ڊاهيو ويو.