اسلام آباد – 03 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته صحافت جي آزادي جي ڏينهن تي اسان پاڪستان ۾ هڪ آزاد ۽ ذميوار پريس کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. اڄ اسان سچائي جي ڳولا، خاص طور تي ويڙهه سٽيل علائقن جهڙوڪ غزه ۽ فلسطين ۾ رپورٽنگ دوران پنهنجي جانين جي قرباني ڏيندڙ صحافين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. کين جرئت ۽ لگن اسان لاءِ مشعل راهه آهي. صحافت جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته دستور پاڪستان جو آرٽيڪل 19 ڪجهه ضابطن تحت اظهار جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي جي ضمانت ڏئي ٿو. مڪالمي کي هٿي ڏيڻ، سماجي، اقتصادي ۽ ماحولياتي اهميت جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ، بدعنواني کي بي نقاب ڪرڻ ۽ پٺ تي پيل طبقن لاءِ آواز بلند ڪرڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار اڻٽر آهي. جيتوڻيڪ اسان صحافين جي تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا پر کين محفوظ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ اڃان وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هڪ اهڙو ڪلچر جتي صحافي خوف ۽ هراس کانسواءِ پنهنجا فرض انجام ڏيڻ ۾ پاڻ کي محفوظ محسوس ڪن وقت جي ضرورت آهي. مان ميڊيا تي زور ڏيان ٿو ته هو اعليٰ صحافتي معيار، خبرن ۾ درستگي ۽ پيشيوراڻي مهارت کي برقرار رکن. عوام جي اعتماد کي مجروح ڪندڙ جعلي خبرن، غلط معلومات ۽ سنسني جي ماحول کي نظر ۾ ۾ رکندي ميڊيا جي ذميواري وڌيڪ وڌي وئي آهي. ٻئي پاسي شهرين جي حقن ۽ ذميوارين ۽ سماجي ۽ اقتصادي مسئلن بابت آگاهي، شهري تعليم کي هٿي ڏيڻ ۽ جمهوري عمل ۾ عوام جي شرڪت کي همٿائڻ ۾ ميڊيا جو هڪ اهم ڪردار آهي. پريس کي عوام ۽ سرڪاري اداران وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ بي آواز ماڻهن کي آواز بڻجڻ گهرجي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اچو، اسان صحافت جي آزادي جي تحفظ ۽ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون جيڪو جمهوريت جو هڪ لازمي عنصر آهي. مونکي اميد آهي ته حڪومت صحافت جي آزادي ۽ صحافين جي تحفظ، وقار ۽ آزادي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم جاري رکندي. مونکي اميد آهي ته اسانجي ميڊيا قوم کي قومي ۽ عالمي اهميت جي مسئلن تي تعليم ۽ آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.