اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پهلگام واقعي کان پوءِ ڀارت جي چڙ ڏياريندڙ ڪارروائين باوجود پاڪستان جو رد عمل ذميواراڻو رهيو آهي، ڀارت پهلگام واقعي ۾ پاڪستان جي ملوث هئڻ جو ڪو به ثبوت ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ هو پاڪستان کي پهلگام واقعي سان ڳنڍڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، ترڪيه طرفان ڏکڻ ايشيا ۾ امن امان جي موجوده صورتحال ۾ پاڪستان جي حمايت سان گڏوگڏ خطي ۾ امن جي مطالبي تي صدر رجب طيب اردگان جو شڪريو ادا ڪيون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري پريس رليز مطابق وزيراعظم سان ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر عرفان نيزيرولو گذريل ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم ترڪيه جي صدر لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ 22 اپريل 2025ع تي پنهنجي تازي انقره جي دوري جو ذڪر ڪيو جتي ٻنهي اڳواڻن ڪيترن ئي شعبن ۾ پاڪ ترڪ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون. وزيراعظم صدر اردگان جو ڏکڻ ايشيا ۾ امن امان جي موجوده صورتحال ۾ پاڪستان جي حمايت سان گڏوگڏ خطي ۾ امن جي مطالبي تي سندن ٿورو مڃيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان لاءِ ترڪيه جي حمايت ٻنهي ملڪن ۽ سندن عوام وچ ۾ تاريخي ۽ گهرن ڀائپي وارن لاڳاپن جي عڪاسي آهي. وزيراعظم چيو ته پهلگام واقعي کان پوءِ ڀارت جي چڙ ڏياريندڙ ڪارروائين باوجود پاڪستان جو رد عمل ذميواراڻو آهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان هميشه هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي روڪٿام وارين ڪوششن ۾ عظيم قربانيون ڏنيون آهن، جن ۾ 90 هزار فوتگين ۽ 152 بلين امريڪي ڊالرز کان وڌيڪ جو معاشي نقصان شامل آهي. هن چيو ته ڀارتي قدمن پاڪستان پاران دهشتگردي جي روڪٿام وارين ڪوششن تان ڌيان هٽائڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته ڀارت پهلگام واقعي ۾ پاڪستان جي ملوث هئڻ جو ڪو به ثبوت ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ۽ هو پاڪستان کي پهلگام واقعي سان ڳنڍڻ جي سازش ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارت کي اڃا به پهلگام واقعي جي پويان لڪيل حقيقتن کي ڳولڻ لاءِ اعتماد جوڳو، شفاف ۽ غير جانبدار عالمي جاچ جي پاڪستان جي آڇ جو جواب ڏيڻو آهي. پاڪستان اهڙي جاچ ۾ مڪمل سهڪار ڪندو ۽ جيڪڏهن ترڪيه ان ۾ شامل ٿئي ٿو ته سندس آجيان ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هن وقت پنهنجي اقتصادي بحالي ۽ ترقي تي پنهنجو مڪمل ڌيان ڏئي رهيو آهي جنهن لاءِ ان کي پنهنجي پاڙيسرين ۾ امن ۽ سلامتي جي ضرورت آهي. ترڪ سفير وزيراعظم کي ٻڌايو ته ترڪيه پاڪستان جي موقف جو حامي آهي. هن پاڪستان سان پنهنجي يڪجهتي جو اظهار ڪندي خطي ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ لاءِ موجوده بحران ۾ تحمل کان ڪم وٺڻ تي زور ڀريو.