اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي مفادن جي حوالي سان پاڪستان جي ميڊيا جي ذميواراڻي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي، ته دنيا تائين حقيقتون پهچائڻ جي جدوجهد ۾ صحافين جي قربانين جي تعريف جو سنهري باب آهي. ميڊيا کي ڪوڙ، فيڪ نيوز، پروپينگنڊه، پرڏيهي ايجنڊا ۽ سياسي مفادن جي تڪميل لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏنو وڃي. پاڪستان جو آئين اظهار جي آزادي جي ضمانت فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم صحافت جي آزادي عالمي ڏينهن تي پاڪستان سميت سڄي دنيا جي ميڊيا ورڪرز کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن خاص طور تي بهادر مرد ۽ عورت صحافين کي خراج عقيدت پيش ڪيو جيڪي پنهنجا فرض ادا ڪندي، قرباني ڏئي امر ٿي ويا. وزيراعظم چيو ته دنيا تائين حقيقتن جي فراهمي جي جدوجهد ۾ صحافين جون قربانيون تاريخ جو سنهري باب آهي. هن چيو ته اسان اڄوڪي ڏينهن صحافت سان لاڳاپيل بهادر ڪارڪنن کي سلام پيش ڪيون ٿا، جيڪي اطلاعات جي آزاد فراهمي ۽ حقيقتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري عوام تائين حقيقتون پهچائڻ ۽ دنيا کي آگاهه رکڻ جي فرضن جي ادائگي ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نٿا ڪن. ماضي جي روايتن مان جديد شهري صحافت تائين ميڊيا وقت ۽ معاشري سان گڏ اڳيان وڌي رهي آهي. ڪنهن به دور ۾ ان جي اهميت ناهي گهٽي پر مصنوعي ذهانت ۽ جديد ٽيڪنالاجي ان جي دائري، فائدي ۽ اثر کي ڪيترائي ڀيرا وڌائي ڇڏيو آهي. اڄ به ميڊيا اجتماعيت جو مظهر آهي جنهن جي اهميت هميشه وانگر معاشري ۾ اهم آهي. وزيراعظم چيو ته جديد دنيا ۾ صحافت جي آزادي، اظهار جي تحفظ جي هڪ اهم ضرورت اها به آهي ته ميڊيا کي ڪوڙ، فيڪ نيوز، پروپيگنڊه، پرڏيهي ايجنڊا، ۽ سياسي مفادن جي تڪميل لاءِ استعمال نه ٿيڻ ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو ته 7 آڪٽوبر 2023ع کان 3 مئي 2025ع تائين جو دور صحافين لاءِ ايڪيهين صدي جو سڀ کان رتوڇاڻ وارو دور ثابت ٿيو. انٽرنيشنل فيڊريشن آف جنرلسٽس مطابق غزه، فلسطين ۾ ڪم ڪندڙ 166 صحافي ۽ ميڊيا ورڪرز اسرائيلي ظلم ۽ جبر جو نشانو بڻيا، غزه جي حڪومت جي ميڊيا آفيس موجب 202 صحافي اسرائيلي جارحيت ۾ قتل ٿيا. ”ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس“ موجب ان کان اڳ ايتري خطرناڪ ۽ رتوڇاڻ واري جنگ ناهي ڏٺي وئي جنهن ۾ ايتري وڏي انگ ۾ صحافين پنهنجون جانيون ڏنيون هجن. رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز موجب اسرائيلي فوج ڄاڻي واني فلسطيني ۽ لبناني صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي نشانو بڻايو. وزيراعظم چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ جتي قابض 9 لک ڀارتي فوج بنيادي انساني حقن کي بندوق جي زور تي دٻائي رهي آهي، اتي صحافت ۽ صحافين تي سخت پابنديون لاڳو آهن. هن چيو ته مان قومي مفادن جي حوالي سان پاڪستاني ميڊيا جو ذميواراڻو ڪردار جي تحسين ڪيان ٿو جنهن تازي ڀارتي آبي جارحيت ۽ حقيقتن کان مٿانهون ٿي الزام تراشي لاءِ ميڊيا جي استعمال جو حقيقت ۽ سچ سان مقابلو ڪيو ۽ ڀارت جي خطي ۾ جنگ جي فضا پيدا ڪرڻ جي ناپاڪ مقصد کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. مون کي اميد آهي ته اسان جي ذميوار ميڊيا اهڙي طرز تي قومي ۽ عوامي مفادن جي تحفظ جي حوالي سان ڪوششن جي حمايت ۽ اسان جي رهنمائي ڪندو رهندو. هن چيو ته پاڪستان جو آئين اظهار جي آزادي جو امين ۽ صامن آهي، پاڪستان جي حڪومت عوامي نمائنده پارٽي طور هميشه ائين ۾ ڏنل آزادين جي محافظ رهي آهي. صحافت کي آئين ۽ جمهوريت جي روح سمجهندي اسان هميشه شهرين ۽ راءِ جي آزادي جي اهل صحافت سان گڏجي جدوجهد ڪئي آهي ۽ اڳتي به ان گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جون ڪوششون جاري رهنديون. وزيراعظم چيو ته حڪومت صحافين جي زندگي ۽ صحت جي تحفط، سازگار ماحول جي فراهمي، مالي مفادن ۽ پگهارن جي ادائگي جي حوالي سان ميڊيا ورڪرز جي جائز مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. مختلف قانوني فورمز ذريعي انهن حقن جي فراهمي جو سلسلو جاري آهي. اسان قانون جي بهتري سان صحافت جي آزادي ۽ درست معلومات جي فراهمي کي يقيني بڻايو آهي. فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ ميڊيا سان گڏجي قانون تيار ڪيا، اڳتي به صحافت ڪندڙن مشاورت، تعاون ۽ تائيد سان ان سلسلي ۾ سڌارن جو عمل جاري رکنداسين. سڌ سماءَ واري وزارت ۽ ان جي لاڳاپيل ماتحت ادارن ذريعي صحافين ۽ صحافت جي بهتري لاءِ وڌيڪ قدم به کنيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته هو صحافت جي عالمي ڏينهن تي سمورن ميڊيا ورڪرز کي اهو به چوڻ چاهي ٿو ته سندس حڪومت صحافين جي بهتري لاءِ پوري خلوص سان توهان سان گڏجي ڪم ڪندي. هڪ ذميوار جمهوري معاشري طور اسان جي اجتماعي ذميواري ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته صحافت حقيقت، اخلاقيات ۽ آزادي تي ٻڌل عوامي ڀلائي جي خدمت جاري رکندي.