اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) ڀارت طرفان وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ کانپوءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ جو سوشل ميڊيا اڪائونٽ به ڀارت ۾ بند ڪيو ويو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ، عالمي ميڊيا تي ڀارت جي رياستي ڏاڍ، انساني حقن جي ڀڃڪڙين ۽ ڪشميري عوام جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوششن کي بي نقاب ڪيو، جنهن جي ردعمل ۾ ڀارت سندس آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽ پڻ بند ڪري ڇڏيو.