اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان کي بنا ڪنهن ثبوت جي پهلگام واقعي سان ڳنڍڻ جي ڪڌي ڪوششن ۾ ڀارت پاران هنيل بي بنياد الزامن کي واضح طور تي رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو ان واقعي سان ڪو تعلق نه آهي، پاڪستان پنهنجي اولهندي محاذ سان پيدا ٿيندڙ دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڀارت جي تازي قدمن ۽ ان جي جارحاڻي انداز جو مقصد پاڪستان جو ڌيان دهشتگردي جي خلاف ٿيندڙ ڪوششن تان هٽائڻ آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي سفير حماد عبيد ابراهيم الزعابي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي لاءِ مضبوط حمايت تي گڏيل عرب امارات جا ٿورا مڃيا جيڪو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جو ثبوت آهي. وزيراعظم پهلگام واقعي کانپوءِ ڏکڻ ايشيا ۾ تازي امن امان جي صورتحال تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي سمورين صورتن جي مذمت ڪري ٿو ڇو ته هو پاڻ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار رهيو آهي. گذريل سالن ۾ 90000 موت ۽ 152 بلين آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ جي معاشي نقصانن جي حوالي سان بي پناهه قربانين جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي اولهندي محاذ سان پيدا ٿيندڙ دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڀارت جي تازي قدمن ۽ ان جي جارحاڻي انداز جو مقصد پاڪستان جو ڌيان دهشتگردي جي خلاف ڪئي ويندڙ ڪوششن تان هٽائڻ آهي. وزيراعظم بنا ڪنهن ثبوت جي پهلگام واقعي سان پاڪستان کي ڳنڍڻ جي ڪڌي ڪوششن ۾ ڀارت پاران هنيل بي بنياد الزامن کي واضح طور تي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو تهپ اڪستن جو ان واقعي سان ڪو تعلق نه آهي ۽ هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ان واقعي جي قابل اعتماد، شفاف ۽ غيرجانبداراڻي عالمي جاچ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان موجوده بحران تي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جي لاءِ ٻين دوست ملڪن سان رابطو ڪري رهيو آهي، ان ڳالهه تي زور ڏيندي ته سندس حڪومت جو ڌيان گذريل 15 مهينن دوران سخت محنت سان حاصل ڪيل معاشي فائدن کي مستحڪم ڪرڻ تي مرڪوز آهي جيڪو گڏيل عرب امارات سميت دوست ملڪن جي حمايت سان ممڪن ٿيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪڏهن به اهڙو قدم نه کڻندو جنهن سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطرو هجي. ان سلسلي ۾ وزيراعظم گڏيل عرب امارات سميت ڀائر ملڪن تي زور ڏنو ته اهي خطي ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڀارت کي قائل ڪن. هن ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گڏيل عرب امارات جي سفير پاڪستان جو موقف شيئر ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته گڏيل عرب امارات علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندو.