اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير لارس لوڪي راسموسن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم پرڏيهي وزير راسموسن کي بدلجندڙ علائقائي صورتحال ۽ ڀارت جي بي بنياد الزامن ۽ ان جي هڪطرفي ۽ اشتعال انگيز قدمن جي جواب ۾ پاڪستان جي قومي سلامتي ڪميٽي جي قدمن کان آگاهه ڪيو. هن سنڌ طاس معاهدي کي التوا ۾ رکڻ جي ڀارت جي فيصلي کي سختي سان رد ڪيو جيڪو معاهدي جي شقن ۽ عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهي. نائب وزيراعظم ڳالهه ٻولهه ۾ علائقائي امن ۽ سلامتي، پنهنجي خودمختياري ۽ قومي مفادن جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار ۽ عزم جو ذڪر ڪيو. پرڏيهي وزير راسموسن ڇڪتاڻ ۾ اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٻنهي ڌرين پاران تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي حيثيت سان علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائين تي سلامتي ڪائونسل ۾ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. هن ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ خاص طور تي معيشت ۽ سيڙپڪاري جي شعبن سان گڏوگڏ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.