اسلام آباد-01 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته مزدورن جي حقن جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، قومي ترقي ۾ پورهيتن جو ڪردار وسارڻ جوڳو ناهي. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پهرين مئي پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، پورهيت ملڪي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، اسلام پورهيتن کي مٿانهون مقام عطا ڪيو آهي. سردار اياز صادق چيو ته مزدورن جي حقن جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، قومي ترقي ۾ پورهيتن جو ڪردار وسارڻ جوڳو ناهي. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ مزدورن جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. ورڪرز رائيٽس پروٽيڪشن بل 2025ع قومي اسيمبلي مان منظور ڪيو ويو آهي. سردار اياز صادق چيو ته بل ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت، رجسٽريشن ۽ تحفظ کي قانوني حيثيت ڏني وئي آهي، سمورا ادارا مزدورن جي فلاح لاءِ موثر قانونسازي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته خوشحال پاڪستان جو خواب پورهيتن جي عزم سان جڙيل آهي، مزدورن جو عالمي ڏهاڙو، مزدورن جي عزم جي تجديد جو ڏينهن آهي.