اسلام آباد-01 مئي (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته مزدور جي جدجهد ملڪ جي معاشي ڍانچي کي مضبوط ڪيو ۽ مزدور اسان جي ترقي جو بنياد ۽ ملڪ لاءِ عظيم اثاثو آهن. ريلوي واري وزارت طرفان ڪالهه جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير مزدورن جي محنت کي پاڪستان جي ترقي جو انجڻ قرار ڏيندي پاڪستان جي مزدورن جي محنت ۽ عزم کي سلام پيش ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي پورهيت عوام جي محنت لگن ئي اسان جي قومي ترقي جو انجڻ آهي. سڀئي پورهيت اسان جي ملڪ جو عظيم اثاثو آهن، مزدور جي جدوجهد ملڪ جي معاشي ڍانچي کي مضبوط ڪيو آهي. وفاقي وزير چيو ته پورهيت اسان جي ترقي جو بنياد آهن، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ريلوي جي ڪاميابي ۾ پورهيتن جي ڪردار کي وساري نٿو سگهجي. هن چيو ته مان به هڪ پورهيت آهيان جيڪو ملڪ ۽ قوم جي فلاح لاءِ ڏينهن رات پنهنجي محنت ۾ مصروف آهيان. هن چيو ته ريلوي جا پورهيت پاڪستان جي ترقي جو رستو روشن ڪن ٿا. حڪومت طرفان پورهيتن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي بهتر مستقبل لاءِ عزم جو اظهار ڪندي وفاقي وزير پاڪستان جي ترقي جو انجڻ پورهيتن جي عزم کي قرار ڏنو.