اسلام آباد-28 اپريل (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته آءِ ٽي جي شعبي جي روانگي واپار ۾ اضافو معيشت لاءِ سٺو سنئوڻ آهي، اسان ڊيجيٽل معيشت، ڊيجيٽل گورننس ۽ ڊيجيٽل سوسائٽي جوڙڻ لاءِ پرعزم آهيون، اسان ڪيش ليس اڪانومي جي رستي تي هلي رهيا آهيون، اسان اي گورننس تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. انهن خيالن جو اظهار هن ڊي ايف ڊي آءِ فورم جي موقعي تي پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، پاڪستان ۾ آءِ ٽي جو شعبو ترقي ڪري رهيو آهي. شزه فاطمه خواجه چيو ته آءِ ٽي جي شعبي جي رفتار وڌائڻ چاهيون ٿا، آءِ ٽي جي شعبي ۾ روانگي واپار ۾ اضافو معيشت لاءِ سٺو سنئوڻ آهي. هن چيو ته نيشنل ڊجيٽيلائيزيشن جو مقصد ڊجيٽل پاڪستان، ڊيجيٽل اڪانامي، ڊيجيٽل گورننس ۽ ڊيجيٽل سوسائٽي جوڙڻ آهي، هر پاڪستاني کي موبائل فون ذريعي هر سهولت تائين پهچ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. اسان ڪيش ليس اڪانومي جي رستي تي هلي رهيا آهيون جنهن سان ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ملندا. هن چيو ته ڊيجيٽل ٽرانزيڪشنسان شفافيت ۽ ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي ۽ دستاويزي معيشت جوڙڻ ۾ مدد ملندي، حڪومت اي گورننس تي ڌيان ڏئي رهي آهي، آءِ ٽي صنعت کي هٿي ڏيڻ لاءِ هر ممڪن سهولتتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعام آهيون. هن چيو ته ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار آءِ ٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ انٽرنيٽ تائين پهچ کي يقيني بڻائي رهيا آهيون.