اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) حج 2025ع جي فلائيٽ آپريشن تحت پهرين حج اڏام 29 اپريل اڱاري تي اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان 393 حج پانڌيئڙن ي کڻي سعودي عرب روانو ٿيندي. مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير سردار محمد يوسف ۽ پاڪستان ۾ سعودي عرب جو سفير نواف سعيد المالڪي سميت وزارت جا اعليٰ آفيسر حج پانڌيئڙن کي رخصت ڪندا. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب سرڪاري اسڪيم تحت 89 هزار کان وڌيڪ حاجي سڳورا حج جو فرض ادا ڪندا. مجموعي طور تي 50 هزار 500 پانڌيئڙن کي روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ تحت پاڪستان ۾ ئي سعودي اميگريشن جي سهولت حاصل هوندي. هلندڙ سال اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ تحت 28 هزار جڏهن ته ڪراچي ايئرپورٽ تان 22 هزار 500 حج پانڌيئڙا ان سهولت مان فائدو کڻي سگهندا. سعودي اميگريشن جون اختياريون پاڪستان پهچي چڪيون آهن، جن کي اسلام آباد ۽ ڪراچي جي هوائي اڏن تي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. اسلام آباد مان حج کان اڳ پانڌيئڙن کي سعودي عرب پهچائڻ لاءِ 100 ۽ ڪراچي مان 80 اڏامون آپريٽ ٿينديون. اهڙي طرح ملڪ جي ٻين شهرن لاهور، فيصل آباد، پشاور، ڪوئٽا، ملتان ۽سيالڪوٽ مان به حج اڏامون سعودي عرب روانو ٿينديون. حج کان اڳ فلائيٽ آپريشن اٽڪل هڪ مهيني تائين جاري رهندو.