اسلام آباد – 24 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ ڄمون ڪشمير ۾ پھلگام واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آھي ته پاڪستان تي ڀارت جا الزام بدنيتي تي ٻڌل آھن جنهن جو مقصد ڄمون ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلم لڪائڻ ۽ انھن تان ڌيان ھٽائڻ آھي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق پنھنجي مذھبي بيان ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ ڄمون ڪشمير ۾ پھلگام واقعي ۾ جاني نقصان تي ڏک ٿيو آھي. پاڪستان تي ڀارت جا الزام ڪوڙا ۽ بدنيتي تي ٻڌل آھن. ھن چيو ته ڀارت مونجھاري جو شڪار آھي. سينيٽ چيئرمين چيو ته ڀارت طرفان سنڌ طاس معاھدي جي معطلي به مذمت جوڳي آھي ۽ ڀارتي قدمن ھميشه علائقي جي امن کي داءَ تي لڳايو آھي. ھن چيو عالمي برادري ڀارت جي انھن ھٿڪنڊن جو نوٽيس وٺي.