قاھره – 24 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب پنھنجي ان دعويٰ جو ورجاءُ ڪيو آھي ته وچ اوڀر لاءِ امن اسٽريٽيجڪ حيثيت رکي ٿو. پرڏيھي ميڊيا مطابق اھا ڳالھه سعودي عرب جي نائب پرڏيھي وزير وليد الخريجي مصر جي گادي واري شھر قاھره ۾ عرب ليگ جي 163 ھين وزارتي اجلاس دوران چئي. ھن چيو ته علائقائي سلامتي لاءِ عالمي قانوني ٺھرائن، عرب امن قدم ۽ اوڀر القدس سميت 1967ع جي سرحد تي ٻڌل ھڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام تي ٻڌل مسئلو فلسطين جي منصفاڻي حل جي ڳولا کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آھي. فلسطين جي عوام لاءِ پنھنجي ملڪ جي حمايت تي زور ڀريندي ھن چيو ته غزه پٽي ۾ جنگبندي برقرار رکڻ جي ضرورت آھي، والاريل اسرائيل عالمي قانون جو احترام ڪري ۽ انھن ڏوھن کي روڪي جيڪي فلسطين جي شھرين خلاف ڪري رھيو آھي. ھن سعودي عرب طرفان فلسطيني عوام کي پنھنجي ڌرتي تان بي گھر ڪرڻ جي مطالبي کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو. ھن ٻه رياستي حل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ”انٽرنيشنل ڪوليشن فار دي امپليمينٽيشن آف دي ٽو اسٽيٽ ريزوليشن“ذريعي شراڪتدار ۽ دوست ملڪن سان سعودي عرب جي مسلسل رابطي جو حوالو پڻ ڏنو.