برسلز – 24 اپريل (اي پي پي) يورپي يونين ڊجيٽل چٽا ڀيٽي واري قانون جي ڀڃڪڙي تي آمريڪي ٽيڪنالاجي وارين ڪمپنين ايپل ۽ ميٽا تي 700 ملين يورو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيھي ميڊيا مطابق يورپي ڪميشن آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل کي 500 ميلن يورو (570 ملين ڊالر) ڏنڊ لاڳو ڪيو جڏھن ته ڪمپني ڊويلپرز کي پنھنجي ايپ اسٽور کان ٻاھر صارفين کي سستي سودي تائين پھچ حاصل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. يورپي يونين فيس بڪ ۽ انسٽاگرام تي ذاتي ڊيٽا جي استعمال سان لاڳاپيل قانونن جي ڀڃڪڙي تي ميٽا جي ”پي اينڊڪانسينٽ“ جي نظام تي آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا تي 200 ملين يورو جو ڏنڊ به لڳايو. يورپي ڪميشن ايپل ۽ ميٽا کي ڏنڊ جي ادائيگي نه ڪرڻ تي ڌمڪي ڏيندي چيو ته جيڪڏھن ميٽا ۽ ايپل 60 ڏينھن اندر ڏنڊ جي ادائيگي نه ٿيون ڪن ته ڏنڊ وڌي سگھجي ٿو. جيڪڏهن ايپل ڪمپني پنهنجي بيان ۾ انھن فيصلن جي مذمت ڪندي چيو ته ڪمپني پاران ڏنڊ خلاف اپيل ڪئي ويندي. ميٽا يورپي يونين تي الزام لڳايا ته چيني ۽ يورپي ڪمپينين کي مختلف معيارن تحت ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيندي . آمريڪا جي ڪامياب ڪاروبار کي مفلوج ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. يورپي يونين جي ترجمان چيو ته اسان کي ان ڳالھه جي پرواھه ناھي ته ڪمپني جو مالڪ ڪير آھي ۽ اسان کي ان ڳالھه جي به پرواھه ناھي ته ڪمپني ڪٿي آھي. ھن وڌيڪ چيو ته چيني ڪمپني ھجي، آمريڪي ڪمپني ھجي يا يورپي ڪمپني ھجي، توھان کي يورپي يونين جي قانون مطابق ڪم ڪرڻو پوندو.