دبئي – 24 اپريل (اي پي پي)دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد آل مڪتوم دبئي ۾ صحت بابت قانون جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد آل مڪتوم طرفان جاري حڪم نامي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قانون تحت ڪنهن به بيماري ۾ متاثر شخص يا متاثر ٿيڻ جي حوالي سان شڪي شخص سان ڪنهن به طرح جو رابطو ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي. قانون تحت ٻين تائين بيمارين جي منتقلي جي خطري کي نظر ۾ رکندي ڪيترن ئي بيمارين جي اهڙن مريضن کي دبئي هيلٿ اٿارٽي جي منظوري کانسواءِ اسپتال يا صحت جي سار سنڀال جي مرڪز کان علاوه هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين سفر ڪرڻ يا منتقلي تي به پابندي لڳائي وئي آهي. قانون اهڙي شخص کي ان بيماري کي لڪائڻ کان به منع ڪري ڇڏيو آهي. ان کان علاوه قانون تحت اهڙا ماڻهو جن مان مختلف بيمارين ۾ مبتلا هجڻ جو شڪ آهي ته لاڳاپيل اختيارين سان گڏوگڏ دبئي جي صحت جي سار سنڀال فراهم ڪندڙ مرڪز طرفان جاري ڪيل حفاظتي ۽ علاج جي قدمن تي عمل به ڪرڻو پوندو . قانون ۾ انهن ذميوارين جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي جن جي مسافرن کي پابندي ڪرڻ گهرجي. مسافرن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته هو ذاتي صحت جي حفاظت ۽ روڪ ٿام جا قدم کڻن. ماسڪ پائين ۽ جسماني فاصلو برقرار رکن. کين لاڳاپيل اختيارين طرفان جاري ڪيل پاليسين تي به عمل ڪرڻو پوندو. گڏيل عرب امارات جي بندرگاهن تي لاڳاپيل اختيارين، طبي ٽيمن ۽ صحت جي سار سنڀال جي خدمت فراهم ڪندڙن کي ان جي درخواست ڪيل معلومات ۽ ڊيٽا فراهم ڪرڻي پوندي. بيمار شخص کي دبئي هيلٿ اٿارٽي ۽ وفاقي ۽ مقامي حڪومتي ايجنسين سميت لاڳاپيل اختيارين کي اطلاع ڏيڻ لازمي هوندو.