لنڊن -24 اپريل (اي پي پي)برطانيا ۾ سعودي عرب جي سفير شهزاده خالد بن بندر سلطان عبدالعزيز کي وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا ريجن لاءِ ڊپلوميٽ آف دي ايئر 2025ع جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب ڊپلوميٽ ميگزين پاران اهو ايوارڊ لنڊن جي هلٽن پارڪ لين هوٽل ۾ سالياني تقريب دوران ڏنو ويو. تقريب ۾ 90 کان به وڌيڪ ملڪن جا سفير ۽ هائي ڪمشنر موجود هيا. اهي ايوارڊ ڊپلوميٽ ميگزين جي اهتمام هيٺ سالياني نامزدگي ۽ ووٽنگ ذريعي ڏنو ويندو آهي. برطانيا ۾ 180 کان به وڌيڪ سفارتي مشنز جا سفارتڪار ان ۾ حصو وٺن ٿا. اهو ايوارڊ برطانيا ۾ سفارتي سرگرمين جي حوالي سان نمايان خدمتن تي سفارتڪارن کي ڏنو ويندو آهي. ڊپلوميٽ ميگزين برطانيا ۾ سفارتي مسئلن جي سڀ کان نمايان ميگزين مان هڪ آهي جيڪو سفارتي مشنز جي سرگرمين ۽ عالمي معاملن کي اجاگر ڪري ٿو ۽ سالياني تقريب جو اهتمام ڪري ٿو. ان جو مقصد سفارتڪارن وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ ۽ ان شعبي ۾ بهترين ڪارڪردگي تي اعزاز ڏيڻ آهي.