شنگهائي-24 اپريل (اي پي پي) چين ۽ روس چنڊ تي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ايٽمي پلانٽ تعمير ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهن، جنهن سان چنڊ ۽ ان جي گڏيل ريسرچ اسٽيشن کي بجلي فراهم ڪئي ويندي. پرڏيهي خابرو اداري موجب چين ۽ روس گڏيل منصوبي عالمي قمر ريسرچ اسٽيشن (آءِ ايل آر ايس) کي توانائي جي ضرورت هوندي ۽ ان توانائي کي چنڊ تي ئي پيدا ڪيو ويندو ته جيئن ڊگهي مدي واري تحقيقي سرگرمين کي يقيني بڻائي سگهجي. چين 2030ع تائين هڪ وڏي خلائي طاقت بڻجڻ ۽ چنڊ تي خلابازن کي لاهڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي ۽ 2028ع ۾ ڇانگ او- 8 خلائي مشن ذريعي هڪ مستقل انسان بردار قمري اڏي جي تعمير جو بنياد رکندو. آءِ ايل آر ايس لاءِ هڪ اهم سوال بجلي جي فراهمي آهي ۽ چين جي قمري تحقيق جي پروگرام جي چيف ڊزائينر مطابق ايٽمي پلانٽ کي خلا ۾ موڪلڻ جي ٽيڪنالاجي ۾ هن وقت روس سڀني کان اڳتي آهي. قمري اڏي جي توانائي جي فراهمي جو دارومدار وڏي پئماني تي شمسي ڪالمن ۽ چنڊ جي سطح تي گرمي ۽ بجلي لاءِ پائپ لائنز ۽ ڪيبلز تي به ٿي سگهي ٿو. روس جي خلائي ايجنسي روس ڪوسموس گذريل سال چيو هو ته هن آءِ ايل آر ايس کي طاقت ڏيڻ لاءِ 2035ع تائين چائنا اسپيس ايڊمنسٽريشن سان گڏجي چنڊ جي سطح تي هڪ ايٽمي ريڪٽر ٺاهڻ جو منصوبو بڻايو آهي.