اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان سارڪ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي سيڪريٽري جنرل ذوالفقار بٽ جي سربراهي ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي. وزارت مان جاري پڌرائي موجب اربع ڏينهن ٿيل ملاقات ۾ ويمن چيمبر جي چيئرپرسن حنا منصب ۽ مشهور صنعتڪار زبير ملڪ به شامل هئا. ملاقات ۾ خاص ڪري بنگلاديش سان واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد، واپار واري وزير کي ٻڌايو ته عيد کانپوءِ ايف پي سي سي آءِ جي تعاون سان هڪ وڏو واپاري وفد بنگلاديش روانو ٿيندو. هن تازي بنگلاديش جي دوري جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته هن کي اتي عوام ۽ عملدارن طرفان بي پناهه عزت، محبت ۽ مهمان نوازي ملي، جنهن تي هو نهايت خوشگوار حيرت ۾ ورتل آهي. وفد ٻڌايو ته سندن ملاقات بنگلاديش جي واپار واري وزير سان به ٿي جنهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي. ويمن چيمبر جي چيئرپرسن حنا منصب چيو ته بنگلاديش عورت ڪاروباري ماڻهن لاءِ به هڪ موزون واپاري منزل آهي ڇاڪاڻ ته ٻنهي ملڪن جي ثقافت، مهمان نوازي ۽ ڪاروباري ماحول ۾ هڪجهڙائي آهي، وفد ٻڌايو ته 19 کان 21 مئي تائين هڪ واپاري ميلو منعقد ٿيندو جنهن ۾ 44 ڪمپنيون شرڪت ڪنديون ۽ پنهنجون شيون ۽ خدمتون پيش ڪنديون. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان وفد جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته بنگلاديش 18 ڪروڙ آبادي سان هڪ وڏي مارڪيٽ آهي جتي بي شمار واپاري موقعا موجود آهن. هن وفد کي هر ممڪن حڪومتي تعاون جي خاطري ڪرائي. ملاقات دوران وفاقي وزير اسلام آباد ۾ تعمير ٿيل سارڪ چيمبر آف ڪامرس جي عمارت بابت به ڄاڻ ورتي جنهن تي وفد آگاهه ڪيو ته هي 9 منزله عمارت هاڻي پڄاڻي جي آخري مرحلي ۾ آهي، هڪ ڏهاڪي تائين صرف گرين اسٽرڪچر ۾ رهندڙ هي عمارت تازي حڪومتي مداخلت سبب مڪمل ٿي رهي آهي جيڪا هڪ خوبصورت واپاري مرڪز بڻجندي.