اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان ڪويتي فارن پيٽروليم ايڪسپلوريشن ڪمپني جي ڪنٽري مينيجر ۽ پاڪستان پيٽروليم ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن ڪمپنيز ايسوسيئيشن جي چيئرمين علي طحه الٽميمي ملاقات ڪئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان طرفان اربع ڏينهن جاري پڌرائي موجب ملاقات جو مقصد پاڪستان جي تيل ۽ گئس جي شعبي ۾ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ، ڳولا ۽ دريافت جي سرگرمين ۾ اضافو ۽ ان شعبي کي درپيش چئلينجن کي موثر طور تي منهن ڏيڻ هو. ان موقعي تي علي پرويز ملڪ چيو ته حڪومت پيٽروليم جي شعبي ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن حڪومت طرفان جاري سڌارن بابت آگاهه ڪيو جن جو مقصد ڪاروباري سرگرمين ۾ آساني، اثرائتا ريگوليٽري سڌارا ۽ ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن (E&P) ڪمپنين لاءِ سازگار ماحول کي هٿي ڏيڻ آهي. علي طحه الٽميمي حڪومت پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۾ توانائي جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ هائيڊرو ڪاربن جي ڳولا کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. هن ٻڌايو ته ڪويتي فارن پيٽروليم ايڪسپلوريشن ڪمپني پاڪستان جي آف شور بلاڪس جي ايندڙ ٻولي ۾ شرڪت جو ارادو رکي ٿي. هن، وفاقي وزير کي پاڪستان ۾ ڪمپني طرفان جاري مختلف منصوبن بابت آگاهه ڪيو. واضح رهي ته ڪويتي فارن پيٽروليم ايڪسپلوريشن ڪمپني 1987ع کان هن وقت تائين پاڪستان ۾ 1.5 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. وفاقي وزير علي پرويز ملڪ آف شور ٻولي ۾ دلچسپي کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو ۽ پيٽروليم شعبي ۾ اقتصادي ترقي ۽ توانائي جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته آف شور بلاڪس ڪيترن ئي سالن کانپوءِ پيش ڪيا پيا وڃن جيڪي مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ سيڙپڪاري جو هڪ شاندار موقعو آهن. هن ڪويتي فارن پيٽروليم ايڪسپلوريشن ڪمپني جي خدمتن ۽ پاڪستان پيٽروليم ايڪسپلوريشن اينڊ پروڊڪشن ڪمپنيز ايسوسيئيشن جي فعال ڪردار به ساراهيو. ملاقات ۾ حڪومت ۽ نجي شعبي وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو ته جيئن پاڪستان جي توانائي جي شعبي کي هڪ مستحڪم، پائيدار ۽ خوشحال مستقبل فراهم ڪري سگهجي.