چٽو گرام -24 اپريل (اي پي پي) بنگلاديش ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 28 اپريل کان ظهور احمد چوڌري اسٽيڊيم چٽو گرام ۾ شروع ٿيندي. زمبابوي جي ٽيم کي ميزبان بنگلاديش جي ٽيم خلاف ٻن ميچن جي ٽيسٽ سيريز ۾ 1-0 جي ڪاميابي حاصل آهي. زمبابوي جي ٽيم ميزبان بنگلاديش ٽيم کي 20 کان 24 اپريل تائين سلهٽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، سلهٽ ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ “ ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. زمبابوي جي مردن جي ٽيم هلندڙ مهيني بنگلاديش جو دورو ڪندي جتي اها ميزبان بنگلاديش جي ٽيم خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 28 اپريل کان 2 مئي تائين ظهور احمد چوڌري اسٽيڊيم، چٽو گرام ۾ کيڏي ويندي.